Get Even More Visitors To Your Blog, Upgrade To A Business Listing >>

قانون اعلا نجيب مرگھر



قانون کان اعلي
نجيب مرگھر
پارليامينٽري نظام,,
پارليامينٽ ۾ ويٺل 
سئو ڏيڊ سئو وڏيرا
سردار,پير,مير,,

قانون کان اعلي آهن
عدالتن کان اعلي آهن,
انتظاميه کان اعلي آهن,,
آئين تي حلف کڻن ٿا,,
پر آئين کان اعلي آهن,

جهموريت تي چونڊجي ٿا اچن
پر جهموريت کان اعلي آهن,,
ست ڪروڙ سنڌين جا رکوالا آهن
سمورا سنڌي سندن جيالا آهن,

جڏهن قانون کي خود ئي ٽوڙين
جڏهن عدالتي فيصلن کان خود ئي
منهن موڙين,
جڏهن جيلن مان قاتل ڪڍيون,
ٿاڻي کي گهاڻو بنايو,غريب جو
رت ولوڙين,,,!!

پوءُ 
هي انتظام ڪهڙو آهي صاحب,
يا بسم الله,,
عدالتن کي تالا لڳائي ڇڏيو,
سمورا جيل,ٿاڻا ختم ڪرائي ڇڏيو
سموري پوليس جي ڇوٽي ڪرائي ڇڏيو,
تمام جلسن,جلوسن ۾ اهو ٺھ,پھ ٻڌرائي ڇڏيو,
ڪوئي سنڌي اسان مان انصاف جي اميد نه رکي,
پنهنجي اثاثن,ملڪتين جو خود خيال رکي,

سو صاحب
سچ ڇا آهي
ڪوڙ ڇا آهي
مخالف ڇا آهي,
حقيقت ڇا آهي,
ڪوئي به ڪن ۾ گرھ نٿو رکي,
سو سڀ ڄاڻو ٿا,

جيڪو نقصان حڪومت سنڌ جي
اقتداري نمائنده پارٽي جي سئو ڏيڊ
پارليامينٽرين,وزيرن,مشيرن,سندن حوارين
منهنجي سهڻي سنڌ کي ڏنو آهي,

سو هڪ هزار سالن ۾,
سنڌ تي قابض غاصب پرمارن به نه ڏنو آھي,
دل ڏکي ٿي,,
ننگي پيرن,
سنڌ جي نياڻي,
عدالتن جون چانٺيون اورانگهي
سردارن سان جهيڙيندي
عدالت مان انصاف وٺندي به
انتظامي ڍانچي جي,ڀاري برجن تي
ويٺل سردارن اڳيان,احتجاج ڪندي
پنهنجي مقتول پيءُ جي قبر کي
ڳراٺڙي پائي زارون قطار رنو آهي,

مينڌيءُ جي باغن واري
ميهڙ کان اڳتي نصير آباد
جي هجوم ۾ چنيسر واري
پڳ پائي,تاريخ جو هڪ وڏو مذاق
اڏائيندي,
پنهنجي شهيدن جي خون جا ڪوڙا
قسم کڻي,ايوان بالا جي,
عمرانن کي للڪاريندي,
بلاول ڇا چيو آهي,

ٻي پاسي
سنڌ جي ٻاگهي بنيل
ڀيڻ پنهنجن جوڌن,پنهنجي دودن جا,
وير ورائي,کيس انصاف
لا۽ ٻاڪاري پئي,,

پر بلاول
شهيدن جو وارٽ ٿيو
پڳ پائي ٿو,,

ياد رکو 
سنڌ واسيو,,,
 دودي جي پڳ
ان وقت به ٻاگهل پاتي هئي,
نه وري ڪنهن ڇنيسر,,!!

علاو دين خلجي جي لشڪر سان
ٻاگهي وڙهي هئي,
نه وري ڪو چنيسر,,!!

چنيسر جي پڳ ۾,
ڪلھ به,
دودي جو قاتل لڪل هو,,

بلاول جي پڳ ۾,
اڄ به,
ام رباب جي دودن جو
قاتل لڪل آهي,,!!

هڪڙو چنيسر
دشمن جي لشڪر سان
للڪاري اچي ٿو,

هڪڙي پوتي جي پڳ ۾,
دودن جي قاتل خاطر
اڄ به 
ٻاگهل جي ٻاڪاري اچي ٿي,
پوءُ اها,
روپا ماڙي هجي,
يا ميھڙ جي مينڌي جي ڦلواڙي,

تاريخ
مون به پڙهي آهي
تاريخ ست ڪروڙ سنڌين
به پڙهي آهي,

ڪير دودن جا وارث بنجندا,
ڪهڙا چنيسر ٻاگهيون وڪڻندا,,

ڪهڙيون ٻاگهيون دودن جا پلئه
وٺڻ خاطر ميدان ۾ ڪڏي پونديون

تاريخ ڪلھ به رقم ٿي هئي
تاريخ اڄ به رقم پوي ٿئي,
سنڌ ڪلھ به هئي
سنڌ اڄ به آهي,,!!

چنيسر واري پڳ
ڪلھ به هئي,

چنيسر واري پڳ اڄ به آهي,

ڪلھ سنڌي دودي واري پڳ سان
ٻاگهي سان,چنيسر جي پڳ ۾ لڪل
خلجي لشڪر خلاف هئا,

اڄ سنڌي
ٻاگهي کي اڪيلو روئندو
ڇڏي چنيسر جي پڳ ۾ لڪل
قاتلن سان گڏ آهن,


This post first appeared on , please read the originial post: here

Share the post

قانون اعلا نجيب مرگھر

×

Subscribe to

Get updates delivered right to your inbox!

Thank you for your subscription

×